اشارا، علامتون ۽ وياڪرڻي وضاحتون

ذ    =  اسم، مذڪر

ث =  اسم، مؤنث

ج  =  جمع

 

مقامي لهجن ۽ علائقن جون علامتون:

(ت)    = اُتر، يعني اتر جي ٻولي خاص ڪري خيرپور، لاڙڪاڻي سکر، جيڪب آباد طرف جا علائقا.

(ل)   = لاڙ، يعني حيدرآباد کان ڏکڻ طرف  ٺٽي، بدين ۽ ٿرپارڪر  جا علائقا.

(ڪ)  = ڪوهستان ۽ ڪاڇو يعني خاص ڪري سنڌ جو الهندو جابلو علائقو ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاڇو.

(ٿ)  = ٿر، يعني مِٺي، ڏيپلي، ننگر پارڪر ۽ ڇاڇري جي ٻولي.

(ڍاٽ)=  ڍاٽ يا ڍٽ يعني ڍاٽڪي ٻولي.

(ک)  =  کارو، يعني ٺٽي ضلعي جي خاص ڪري سامونڊي ڪناري واري ايراضي.

(لس) =  لس ٻيلو يعني سنڌ ۽ لسٻيلي جي سرحد واري ايراضي. لس ٻيلي جي سنڌي.

(ڪڇ)  = ڪڇ رياست جي سنڌي ٻولي.

 

ٻوليون

سن. = سنسڪرت   

پرا.  =  پراڪرت

ع .  =    عربي

ف. =    فارسي

هه. =     هندي

بل.  =    بلوچي

انگ .= انگريزي

 

نسبتي نشانيون

> يا <  نشاني اصل لفظ کان اشتقاق ڏانهن اشارو ڪري ٿي، مثال طور:

آچام < آجام< آماج  يعني اصل لفظ ’آماج‘ آهي جيڪو صورتون بدلائي سنڌيءَ ۾’ آچام‘ ٿيو.

                                                                     يا

لَهڻ > اُلهڻ > اُلهندو  يعني ’لَهڻ‘ مان’ اُلهڻ‘  ۽ ’اُلهڻ‘ مان اُلهندو ‘ ٿيو.